شيخ عرس

شيخ عرس: ناليوارو صوفي راڳي عرس شيخ جو پورو نالو محمد عرس شيخ ولد رانجهن فقير شيخ آهي. سندس جنم 1957ع ڌاري ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ جان محمد مرکياڻي، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿيو. سندس والد صوفي رتل فقير جو مريد هو، جنهن سبب صوفي راڳين مان سندس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. هن راڳ جي سکيا غلام قادر ٻرڙي کان ڪئي. عرس شيخ پهريان ڀاءُ قلندر بخش سان گڏ پروگرامن ۾ مولود ڳائيندو هو. بعد ۾ صوفي راڳين جي صحبت ۾ اچي صوفياڻه ڪلام ڳائڻ لڳو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو. سندس مشهور ڪلامن ۾: درد ڏنو آ جيڪو پياري، گهاءُ ڇڏيندو ان جو ماري، منهنجي مٺڙن مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا وغيره قابل ذڪر آهن. عرش شيخ جا ڏهه کن ڪئسيٽ البم پـڻ رليز ٿيل آهن. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هن ڪيترن ئي فنڪارن کي راڳ جي سکيا ڏني. سندس شاگردن ۾ عرفان سولنگي، سانول ميرالي، اياز دايو وغيره قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو